پاڪستان جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ ڀارت کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان لاھور جوھر ٽائون ڌماڪي ۾ ڀارتي ايجنسي را کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آھي، وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف آءِ جي پنجاب انعام غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاهور جوهر ٽائون ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ ڀارتي شهري آهي، دهشتگرد ڪارروائي جا پيرا پاڙيسري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا، پاڪستان دهشتگردن جو سمورو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو آهي، جنهن ڏينهن لاهور ۾ ڌماڪو ٿيو، اُن ڏينهن پاڪستان جي انويسٽيگيشن نيٽ ورڪ تي سائبر حملا ٿيا، جنهن مان واضح ٿيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي. آءِ جي پنجاب لاهور ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن جون تصويرون به ميڊيا سان شيئر ڪري ڇڏيون، ياد رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد حافظ سعيد جي گهر لڳ جوهر ٽائون ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 22 زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو