پاڪستان تي آمريڪي فوجي پابندين جي تياري شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا، پاڪستان ۽ ترڪي جي فوج ۾ گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڀرتي ڪرڻ واري لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ ڊپارٽمينت پاران 2021 جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي اپريل 2020 کان مارچ 2021 تائين جي جائزي بعد هي لسٽ جوڙي وئي آهي. چائلڊ سولجر پريوينشن ايڪٽ موجب آمريڪا هر سال هي فهرست جوڙيندو آهي ۽ هن لسٽ ۾ شامل ملڪن تي فوجي امداد جي پابندي مڙهيندي انهن ملڪن جي فوجن سان گڏيل تربيت ۽ تعاون تي پابندي لڳائي ويندي آهي ۽ امن مشن لاءِ به انهن ملڪن جي فوج تي پابندي هوندي آهي. هن لسٽ ۾ افِانستان، برما، ڪانگو، پاڪستان، ترڪي، ايران، شام، لبيا، عراق، مالي، نائيجيريا، صوماليا، ڏکڻ سوڊان، يمن ۽ وينزويلا شامل آهن. قانون مطابق آمريڪي صدر ڪنهن به ملڪ کي پابندي کان آجو قرار ڏئي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو