پاڪستان اچڻ بعد 50 هزار پرڏيهي گم ٿي ويا آهن، شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ حڪومت پرڏيهي شهرين جي رجسٽريشن جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي ڪوبه پرڏيهي رجسٽريشن کانسواءِ پاڪستان اچي نه سگهندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيوته 70سالن ۾ 50 هزار پرڏيهي پاڪستان اچي غائب ٿي ويا، خبر ئي ناهي ته اُهي ماڻهو ڪٿي آهن؟: افغانين کي جعلي ڪارڊ جاري ڪندڙن کي گرفتار ڪيو آهي، هاڻ ڪو پرڏيهي رجسٽريشن بنا نه رهي سگهندو، پرڏيهي شهري پاڪستان ۾ منشيات کڻي اچن ٿا، جن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي ڪئي ويندي، شيخ رشيد چيو ته بلاول دل جو جاني آهي، بلو راني خلاف ڪابه ڳالهه نٿو ٻڌي سگهان، اپوزيشن آزاد ڪشمير ۾ به عمران خان کي ڪجهه نه ڪري سگهندي، آزاد ڪشمير ۾ به بيٽ ئي کٽيندي ۽ عمران خان ايندڙ مدت لاءِ به حڪومت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو