پاڪستان آرمي جي 40 برگيڊيئرز کي ميجر جنرلز جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان فوج جي 40 برگيڊيئرز کي ميجر جنرلز جي عهدي ترقي ڏني وئي آهي. فوج جي تعلقات عامه جي شعبي جي سربراه ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري ڪيل بيان مطابق جن کي ترقي ملي آهي انهن ۾ آرمي ميڊيڪل ڪور جا 11 برگيڊيئرز به شامل آهن. پروموشن بورڊ جو اجلاس آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه جي صدارت ۾ ٿيو. ميجر جنرل جي عهدي تي جن برگيڊيئر سطح جي فوجي آفيسرز ترقي ماڻي آهي، انهن ۾ برگيڊيئر ظفر اقبال مروت، شاڪر الله خٽڪ، محمد اويس دستگير، عامر نويد ۽ برگيڊيئر محمد اعجاز مرزا شامل آهن. اُن کانسواءِ برگيڊيئر تبسم حبيب، برگيڊيئر محمد شجاع انور، برگيڊيئر دلاور خان، برگيڊيئر سرفراز احمد، برگيڊيئر آصف محمود گورايا، برگيڊيئر ڪمال اظفر، برگيڊيئر محمد علي خان، برگيڊيئر ڪاشف آزاد، برگيڊيئر ماجد جهانگير، برگيڊيئر اظهر وقاس ۽ برگيڊيئر عاطف اقبال کي ميجر جنرل جي عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون آهن. پڌرائي موجب برگيڊيئر عمر احمد بخاري، برگيڊيئر محمد احسن خٽڪ، برگيڊيئر عنايت حسين، برگيڊيئر عادم يامين، برگيڊيئر محمد حسن خٽڪ، برگيڊيئر محمد عامر نجم، برگيڊيئر محمد عقيل ۽ برگيڊيئر ڪامران احمد ستي کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو