پاڪستاني مڙس 33 هزار ڊالر چوري ڪيا آهن؛ ڪينيڊين عورت

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان ڪينيڊين زال جا 33 هزار ڊالر چوري ڪري غائب ٿي ويو. نوجوان مان رقم جي واپسي لاءِ متاثر ڪينڊين عورت ايني ميري پاڪستان پهچي گوجرانوالا سائبر ڪرائيم ۾ پنهنجي مڙس خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ايني ميري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجو مڙس فاحد مون کي دوکو ڏئي 33 هزار ڊالر منهنجي اڪائونٽ مان پاڪستان منتقل ڪئي اها رقم فاحد پنهنجي چاچي ۽ ماءُ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪينيڊين عورت چيو ته 2017 ۾ سيالڪوٽ جي رهائشي فاحد ابرار سان شادي ٿي هئي ۽ شادي کان پوءِ اسلام قبول ڪيو پوءِ هن مون کي دوکو ڏئي رقم چوري ڪئي. رقم واپسي ۽ مڙس کي جيل موڪلڻ لاءِ پاڪستان آئي آهيان اميد آهي ته پاڪستان حڪومت مون کي انصاف ڏياريندي.

پهنجو تبصرو موڪليو