پاڪستاني مردن گاريون ۽ ڌڪا ڏئي تشدد ڪيو؛ حريم شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ايپ ٽڪ ٽاڪ تي ويڊيو ٺاهي مقبول ٿيندڙ حريم شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ ويڊيو شيئر ڪري ٻڌايو هو ته ان کي هڪ ايونٽ دوران جنسي طور هراسان ڪيو ويو ۽ هاڻي هن هڪ ٻئي نئين وڊيو شيئر ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هو دبئي جي هڪ مال ۾ موجود آهي. حريم شاهه سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ته هن کي دبئي جي هڪ مال جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان طور گهرايو ويو هو. سوشل ميڊيا اسٽار جي ان ويڊيو ۾ ان جي چئوطرف وڏي تعداد ۾ ماڻهو موجود آهن جيڪي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن. پنهنجي ان نئين وڊيو ۾ حريم شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه پاڪستاني مردن مون کي گاريون ڏنيون، ڌڪا ڏنا ۽ ڪجهه ماڻهن ته مون کي ماريو به. حريم شاهه ويڊيو سان گڏ سوال به ڪيو ته ڇا اهڙي طرح عورت سان سلوڪ ڪيو ويندو آهي.؟ پر اهو هن مهل تائين واضح ناهي ٿي سگهيو ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ حريم شاهه جيڪا ويڊيو شيئر ڪئي هئي ان ئي ايونٽ جي آهي يا ٻئي ڪنهن جي. واضح رهي ته ان ويڊيو ۾ حريم شاهه ٻڌايو ته ان ايونٽ دوران هڪ شخص نامناسب انداز ۾ هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. حريم شاهه جنهن کي انسٽاگرام تي هزارن جي تعداد ۾ صارفين فالو ڪري رهيا آهن هو ڪيترن ئي نامور شخصيتن جون ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ٺاهي شيئر ڪري چڪي آهي. هن کي مقبوليت ان وقت ملي جڏهن هلندڙ سال ان جي هڪ ويڊيو پنجاب جي صوابائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ سامهون آئي. جنهن کان پوءِ حريم شاهه ۽ ان جي دوست صندل خٽڪ خبرن ۾ ان وقت سامهون آيون جڏهن معروف اينڪر مبشر لقمان ان ٻنهي عورتن تي پنهنجي نجي جهاز ۾ بغير اجازت جي ويهڻ ۽ قيمتي سامان چوري ڪرڻ جو الزام هنيو هو. ان کان بعد حريم شاهه جي پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ سطحي اجلاس لاءِ مختص ڪيل ڪمري جي ويڊيو سامهون آئي جنهن تي ان کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو. جنهن تي حريم شاهه هڪ ويڊيو ذريعي وزيراعظم کان معافي گهري هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو