’پاڪستاني ايٽم بم جو ابو‘ ڊاڪٽر قدير خان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائيندڙ ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو مڙهه ايڇ ايٽ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ ڀرپور وسندڙ مينهن دوران جنازي نماز فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم عمران خان، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جا وڏا وزير شريڪ نه ٿيا رڳو سنڌ جو وڏو وزير شريڪ ٿيو.

Funeral of Dr Qadeer Khan

وزيراعظم عمران خان چيو هو ته کيس وصيعت موجب فيصل مسجد ۾ ضياءَ الحق جي قبر لڳ کيس دفنايو وڃي پر ڊاڪٽر قدير جي گهر ڀاتين ايڇ ايٽ قبرستان ۾ دفنائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. جنهن بعد حڪومت سندن خواهش موجب ردفين جو انتظام ڪيو. جنازي نماز ۾ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ هڪ انڪلوزر عوام جي لاءِ ٺاهيو ويو هو جڏهن ته ٻيو انڪلوزر وي آءِ پيز جي قائم ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ڪنوپي لڳائي وئي. تمام سخت سيڪورٽي جا انتظام ڪيا ويا. پاڪ فوج جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي. هن کي پاڪستان جي ايٽم بم جو ابو به سڏيو ويندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو