پاپوليشن کاتو صحت ۾ ضم ڪرڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن شھيد بينظير آباد پاران پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ واري عمل خلاف صوبائي صدر محمد دائود انڙ، محمد عمر خاصخيلي، فياص زرداري، الطاف شيرواني،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول ڊفينس آفيس  ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاپوليشن کاتي جون بھتر خدمتون آھن ليڪن ان کي اين جي اوز ۽ صحت کاتي ۾ شامل ڪري فنڊ ھڙپ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ھنن چيو ته طاقتور ڌريون اين جي اوز ٺاھي غلط انگ اکر ڏئي ملڪ جو پئسو لٺي رهيا آھن جيڪا انتھائي افسوس جھڙي ڳالهه آهي، ھنن چيو ته ٽيڪنيڪل سياسي ايڊوائيزر طالب لاشاري ذاتي مفادن جي ڪري صوبائي وزير پاپوليشن کي مس گائيڊ ڪري اداري کي تباھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، اپ گريڊيشن بحال ڪئي وڃي، ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، سوشل ميل موبلائيزرن کي 1 کان 11 ھون گريڊ ڏيڻ سميت ٻيا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو