پاپا جونز، کنڊ ۽ اٽي چورن کي اين آر او ڏنو ويو، بلاول

غذر (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته گلگت ۾ وفاقي وزير ۽ وزيراعظم پاران ڪيل اهم اعلانن ۽ چونڊ مهم تي اثر انداز ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ۽ ڪاروائي ڪري. هن چيو ته وفاقي وزير ترقياتي منصوبن جا اعلان ڪن ٿا، وزيراعظم صوبو ٺاهن جو اعلان ڪيو آهي. هن وزيراعظم عمران خان منافق ۽ ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته مودي جي ڪاميابي لاءِ دعا گهرندڙ، رات جي انڌيري ۾ ڪلڀوشن لاءِآرڊيننس آڻيندڙ ۽ ڪشمير جو سودو ڪندڙ اپوزيشن تي ڪيئن الزام لڳائي سگهي ٿو ته مودي جي ٻولي پيا ڳالهايون؟ گلگت بلتستان جي ضلع غذر ۾ چونڊ مهم واري جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هي چون ٿا ته اپوزيشن منافقت جي سياست ڪري ٿي، جڏهن ته وزيراعظم ۾ منافقت جون سموريون نشانيون موجود آهن، منافق جون 4 نشانيون آهن ۽ چارئي وزيراعظم ۾ آهن. بلاول ڀٽو چيو ته هڪ وزيراعظم هڪ تقرير ۾ ايترا ڪوڙ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي؟ ڪجهه ته عهدي جو خيال رکو، توهان ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عمران خان اين آر او ڏيڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، هٿ ٺوڪئي پاپا جونز پيزا، مهانگي ترين پشاور بي آر ٽي، اٽي چور، کنڊ چور ۽ سلامي مشين سان اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيندڙن کي اين آر او ڏنو. اسلام آباد ۾ ويٺل ڪٺ پتلي سوچي رهيو آهي ته بينظير ڪارڊ تان بينظير جي تصوير ڪيئن هٽائي وڃي؟ هي سمجهي رهيو آهي ته ڪارڊ تان بينظير جي تصوير هٽائي ان کي ماڻهن جي دلين مان ڪڍي ڇڏيندو، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ پ پ جي منشور جو حصو آهي، گلگت بلتستان جون چونڊون کٽي هتان جي عوام جي قسمت تبديل ڪري ڇڏينداسين، اسان عوام کي روزگار ڏينداسين، حق ڏيارينداسين، سنڌ ۾ مفت علاج ڪري سگهون ٿا ته هتي به ڪرائينداسين. هن چيو ته پاڪستان لاءِ سي پيڪ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو پر نالائق ۽ نااهل ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سي پيڪ ڇا آهي، پ پ حڪومت ۾ هجي ها ته سي پيڪ سان گلگت بلتستان کي فائدو ٿئي ها، عمران خان چئي ٿو ته سي پيڪ تي ڪم ڪنداسين پر هن ڪو ڪم نه ڪيو، عوام توهان جي دوکي ۾ نه ايندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت بيروزگار ۽ غربت وڌائي ڇڏي، حيران آهيان ته ملڪ جو وزيراعظم ڪيڏو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، وزيراعظم چوندو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، اهو نعرو اسان ڪڏهن کان ٻڌي رهيا آهيون، ڪرپشن ڪندڙن لاءِ هڪ قانون رڳو پ پ ٺاهي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو چيو ته هتان حڪومت ٺاهي پوءِ ويندس، اسان سڀني لاءِ هڪ ئي قانون ٺاهينداسين، سياستدان، جج ۽ جنرل لاءِ هڪ ئي قانون ٺاهينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو