پانڌي ويل جي پورهيتن جو پگھارون نہ ملڻ خلاف احتجاج

ورڪشاپ)اياز لطيف شر) تازوھٿ آيل تيل ۽ گيس ڪمپني جي پانڌي کوهه جي مزدورن جو گذريل پنج مهينن  کان پگھارون نہ ملڻ  خلاف ڪمپني جي گيٽ اڳيان  احتجاجي مظاھرو ڪيو. مزدورن ڪمپني خلاف نعري بازي ڪئي ۽ مطلابو ڪيو ته کين فوري طور پگهارون ادا ڪيون وڃن. احتجاج ڪندڙن جو اھو چوڻ ھو تہ ڪمپني اسان مقامي ماڻھن کي سھولتون تہ نہ ڏنيون پر اسانکي پنھنجي  پگھر جي پورهئي جي مزدوري بہ  گذريل پنج مهينن کان ناھي  ملي  جنھن ڪري اسانجي گھرن جو چلھيون وسامي ويو آھن. احتجاج ڪندڙن سنگھار، علي مراد، الطاف حسين، جلال دين ۽ ٻين چيو تہ اسانجي وس وارن کي اپيل آھي تہ اسانجون رھيل پگھارون ڏنيون وڃن نه ته ٻئي صورت  ۾ اسان جمڙائو روڊ بلاڪ ڪنداسين. ون رابطو ڪرڻ تي ڊيوٽي انچارج موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو