پارڪنگ فيس جي اوٽ ۾ ڀتو وٺڻ نه ڏينداسين، عدالت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته پارڪنگ فيس جي نالي تي شهرين کان ڀتو وٺڻ جي اجازت نه ڏينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چارجڊ پارڪنگ ڪيس جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عدالت سڄي شهر جي ڊي ايم سيز، ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت شهرين کان پارڪنگ فيس وصول ڪئي پئي وڃي، ڊي ايم سيز، ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين کي وڃي ٻڌايو ته پارڪنگ فيس جي نالي تي ڀتا خوري بند ڪئي وڃي.  جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو اسان کي ڳڻتي آهي ته سڀاڻي گهر ٻاهران گاڏي بيهارڻ تي پارڪنگ فيس وصولي نه شروع ڪئي وڃي، عزتدار ماڻهو ته پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ 20، 30 روپيا ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي ويندو.  معزز جج چيو ته اڳ ۾ روڊ جي هڪ طرف پارڪنگ جي اجازت هئي هاڻي ٻنهي طرفان گاڏيون لڳايون پيون وڃن، هي ڇا ٿي رهيو آهي؟، پارڪنگ لاءِ مختص جڳهه تي بورڊ ڇو نه لڳايا ويا آهن؟. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪراچي جي روڊن تي پارڪنگ لاءِ ٺيڪا ڏنا ويا آهن. جنهن تي عدالت چيو ته اسان هر طرح سان ڪارروائي ڪنداسين، پارڪنگ فيس جي نالي تي ڀتو وٺڻ نه ڏينداسين، عدالت 29 آڪٽوبر تائين تفصيلي جواب طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو