پارٽي فيصلن جو پابند آهيان، ننڍي چونڊ جو الزام ٽرائل آهي، کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ نثار کھڙو چيو آھي تھ وزارتون ۽ عهدا پارٽي جي امانت سمجهون ٿا، پارٽي قيادت جي فيصلن کي قبول ڪرڻ جا اسان سڀ پابند آهيون، لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 ۾ جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کي سپريم ڪورٽ مان ڊي سيٽ ڪرائي اها سيٽ پارٽي جي حوالي ڪئي، هن چيو ته جنهن جي ڊي اي جي مخالف اميدوار کي عدالت مان ڊي سيٽ ڪرايو ان مخالف ڌر جي اميدوار جي ننڍي چونڊ ۾ حمايت ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ سندس چوڻ هو ته پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي اميدوار جي شڪست جو ذميوار سمجهڻ ۽ مخالف ڌر جي حمايت ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا ٽرائل آهي. نثار کھڙو وڌيڪ چيو تھ پارٽي ورڪر آهيان، همدردن کان وٺي سمورن عهديدارن تائين اسان سڀ پارٽي ۽ قيادت جو ڪنڌ مٿي ڪرڻ لاءِ جدوجهد واري ميدان ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته پارٽي سان گڏ وفاداريون آهن ۽ رهنديون، پارٽي جي سمورن فيصلن تي عمل ڪرڻ جا اسان سڀ پابند آهيون، وفاقي حڪومت آئيني طور تي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو نٿي ڪري سگهي ته مختلف حربا استعمال ڪري وزيراعظم جي ذريعي سنڌ تي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، هاڻ ڪو ٻيو راڄ نه پر رڳو عوامي راڄ هلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو