پارليماني نظام سبب بلوچستان نظر انداز ٿيو آهي، وزيراعظم

گوادر (ويب ديسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ عسڪريت پسندن سان ڳالهيون ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان.ماضي ۾ حڪمرانن بلوچستان تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان سان وفاق ۽ صوبي جَي سياستدانن به انصاف ناهي ڪيو، گوادر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته، جيڪو پاڪستان جو سوچيندو، اُهو بلوچستان جو به سوچيندو، ان کان اڳ گوادر ۾ منصوبن جِي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، وزيراعظم عمران خان چيو ته، افغانستان جَي پاڙيسري ملڪن سان گڏجِي افغان مسئلي جَي سياسي حل جِي ڪوشش ڪيون پيا، طالبان سان به ڳالهيون ڪنداسين جيئن افغانستان ۾ گهرو ويڙهه نه ٿي ٻئي صورت ۾ پناهگيرن سان گڏ وچ ايشيا جَي ملڪن سان واپاري لاڳاپا به ختم ٿي ويندا، گوادر ملڪي ترقي جَي سفر ۾ مرڪز بڻجي رهيو آهي، ڪوشش آهي ته فاٽا ۽ بلوچستان سميت پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي آڻيون. هن چيو ته اچڻ جا ٻه مقصد هئا هڪ فري زون جو افتتاح ۽ ٻيو بلوچستان، مونکي ووٽ نه ملندا آهن، بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ جو ذميوار پارليامني نظام آهي. جنهن ۾ هرڪو وزيراعظم ٿيڻ جو سوچي ٿو ۽ هتي سيٽون گهٽ آهن ان ڪري ڪو ڌيان نٿو ڏي. مان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيان ٿو. بلوچستان لاءِ  730 ارب جو پيڪيج ڏنو آهي جيئن هن پوئتي پيل صوبي کي اڳتي آڻيون. ان کان اڳ سيپيڪ چيئرمين عاصم سليم باجوا چيو ته سڀني منصوبن تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي سيپيڪ اڪنامڪ زون فيز ون 60 ايڪڙن تي مشتمل آهي ان تي ڪم مڪمل آهي ۽ هاڻي فيز ٽو 2200 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن جو افتتاح ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ڄام ڪمال چيو ته هاڻي بلوچستان ۾ انقلاب ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو