پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪري ڪلڀوشن آرڊيننس آندو ويو، بلاول

سکر (جيئرام داس) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪلڀوشن کي رليف ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڳجهو آرڊيننس آندو آهي، سليڪٽيڊ حڪومت جو آرڊيننس غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي. سکر ۾ خورشيد شاهه جي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڀارتي جاسوس لاءِ آرڊيننس آڻڻ جي ضرورت هئي ته اپوزيشن ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي ها، پي ٽي آءِ حڪومت کي آرڊيننس تي وضاحت ڏيڻي پوندي، اسان سندن پيڇو نه ڇڏينداسين. هن ڌيو ته حڪومت ٽيون ڀيرو ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي ڏني ۽ هن کي اپيل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون وڃن ٿيون پر هو اپيل ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ، ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ جو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش آهي، هو ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان آرڊيننس جاري ڪريون ها ته اسان جو جيئڻ حرام ڪيو وڃي ها ۽ پاڪستان دفاع ڪائونسل ڌرڻن تي ويهي رهي آهي.هن چيو ته سنڌ جا 229 ارب وفاق روڪي ڇڏيا اها رقم ملي ها ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪريون ها. هن چيو ته نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري من پسند فيصلا ورتا وڃن ٿا. رانا ثناءُ الله جا نيب تي الزام به سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته خورشيد شاهه ناحق جيل ۾ آهي هن عدليه جي آزادي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو پر عدليه هن کي جائز رليف نه ڏنو. هڪ سوال تي هن چيو ته عذير بلوچ ڪرمل آهي ان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي گينگسٽرز کي به ڏسڻ گهرجي جيڪي حڪومت ۾ آهن. هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس سبب شاهه محمود قريشي حڪومت ڇڏي هئي هاڻي ڪلڀوشن آرڊيننس تي ڇو نٿو وزارت ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو