پارليامينٽ ٻاهران مشڪوڪ شخص پسٽل سميت گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ هائوس آڏو پستول ۽ ڇري کڻي ايندڙ مشڪوڪ شخص کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. کيس سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي. 45 سالن جي ملزم جو نالو سهيل ولد محمد اسلم آهي هو چڪري راولپنڊي جو رهاڪو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هو ڇو هٿيار کڻي پارليامينٽ آيو، ڪنهن سان دشمني اٿس ان بابت جاچ ڪريون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو