پابندي باوجود قيمتي وڻن جي واڍي جاري، ٻيلو کاتو لاتعلق

ڪلوئي(غلام مصطفي نهڙيو) ڪلوئي تعلقي ۾ پابندي پيل قيمتي وڻن جي واڍي جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ علائقي جي رهواسين عزيز سترام ڀيل جمن کوسو غلام حسين نهڙي محمد حسين لنڊ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ بک بدحاليءَ کان بيزار ٿي ماڻهون قيمتي وڻن کي تباھ ڪري رهيا آهن هنن چيو ته هن وقت ونگو ستون ميل نئين موري سڃين موري ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهون 144 قلم لاڳو هجڻ باوجود ڪنڊي ڄار ۽ ان کان علاوه نم ٻٻر ٻير روهيڙو ۽ ٻيا قيمتي وڻ وڍي سرن جي بٺن ڪوئلي جي ڪپن ۽ آرن تي کڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. جنهن سبب علائقي مان قيمتي وڻ اڻ لڀ ٿيندا پيا وڃن، هنن چيو ته ٿر جو قيمتي وڻ گگلڻ جنهن مان گگر حاصل ٿئي ٿو ۽ جنهن تي ڪيتريون ئي ايف آئي آرون پڻ درج ٿيون آهن ان باوجود هن قيمتي وڻ جي واڍي پڻ بند نه ٿي سگهي آهي ۽ ڪيترن ماڻهن پاران ٿر جي مختلف علائقن ۾ ماڻهون ليبرن جي صورت ۾ ڇڏيل آهن جن ۾ ڪيترائي علائقي جا بااثر ۽ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهون پڻ شامل آهن جيڪي روز گگلڻ جو وڻ هٿ وٺي ڪٽرائين ٿا پر ان باوجود ٻيلي کاتي جا عملدار منظر تان غائب آهن ۽ قيمتي وڻن جي واڍي بند ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، رهواسين قيمتي وڻن جي واڍي فوري طور بند ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي سندن چوڻ آهي ته وڻن جي واڍي سبب ماحول به خراب ٿئي ٿو ۽ گرمي جي پد ۾ به اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو