پابندي باوجود سنڌ مان ڪڻڪ جي پنجاب اسمگلنگ جاري

ڪشمور (جي ايم کوسو )سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بين الصوبائي چر پر تي بندش باوجود پنجاب ڏانهن ڪنڪ جي اسمگلنگ جاري آهي. خوراڪ کاتي جي ملي ڀڳت سان روزانو درجنين ٽرڪون ڪمون شهيد ۽ ڪشمور بارڊر وٽان پنجاب وڃي رهيون آهن. اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 1900 روپي مڻ هلي رهي آهي ۽ لالچي واپاري رشوت ڀري به ڪڻڪ ٻين صوبن ۾ موڪلين پيا. جنهن سبب ھن سال سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بحران ڪر کڻندو. هڪ ته سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران خريداري جو ھدف پورو نه ٿي سگھيو  آهي ۽ ٻئي پاسي بندش جي باوجود ڪڻڪ جي اسمگل جاري آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال ڪڻڪ جي موسمي اثرات ۽ ڪڻڪ ۾ َفنگس بيماري لڳڻ ڪري پيداوار گھٽ لھڻ ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان رسيو آھي ڪڻڪ جي اپت گھٽ لھڻ ڪري سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران خريداري ھدف به پورو نه ٿي سگھيو جڏھن ته خريداري ھدف پورو نه ٿيڻ ڪري سنڌ حڪومت پاران تاريخ ۾ پھريون ڀيرو خريداري تاريخ 30 جون بدران 30 جولاءِ تائين وڌائي پر پوءِ به ٽارگٽ پورو نه ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري گدامن ۾ پيل ڪڻڪ ۾ مٽي مليل آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪشمور جي ڊي ايف سي محمد اشرف ڪيريو سنڌ يار کي ٻڌايو ته ڪڻڪ ۾ مٽي ملائڻ تي اينٽي ڪرپشن کي 5 فوڊ انسپيڪٽرن خلاف شڪايت موڪلي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو