پابندي باوجود سارين جو ٻج پوکڻ خلاف ڪاروائي

ٺڪراٺو (ن س)پنوعاقل جي مختيارڪار شاهنواز چارڻ جي اڳواڻي ۾ بندش باوجود سارين جو بيجارو پوکيندڙ زميندارن خلاف ڪاروائي ڪيترن ئي هنڌن تي اسپري ڪري ٻيجارو ختم ڪيو ويو.حڪومتي ٽيم مختلف ديهن اچيهر ديهھ روپهر ديهھ آريڙو ۽ ٻين هنڌن تي پوکيل سارين جو ٻيجارو  اسپري ذريعي ساڙائي ختم ڪري ڇڏيو ان موقعي مختيارڪار پنوعاقل شاهنواز چارڻ ميڊيا کي  ٻڌايو ته ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ڪرڻ نه ڏبو سارين جي پوک تي پابندي آھي جنهن تي عمل ڪندي ڪاروائي ڪئي آھي اڳ ۾ بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي آھي ۽ جتي به سارين جو ٻيجارو پوکيل هوندو اتي ڪاروائي ڪري ختم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو