پائلٽن جي ڪوڙي ڊگرين بابت فوري ٻڌڻي جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پائليٽن جي ڪوڙي سند واري معاملي تي فوري ٻڌڻيءَ واري درخواست منظور ڪري ورتي، جسٽس خادم حسين جي سربراهيءَ ۾ 2 رُڪني بئنچ پائليٽس جي جعلي ڊگري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. مقامي وڪيل طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ سول ايوي ايشن اختيارين کي ڌُر بڻايو ويو، درخواست گذار استدعا ڪئي آهي ته ايوي ايشن طرفان پائليٽن جي لسٽ جاري ٿيڻ تائين ايئر سروس کي بند ڪيو وڃي، ڪوڙين ڊگريز وارن پائليٽن سبب حادثا پيش اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو