ٽڪ ٽوڪ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ

لنڊن (ويب ڊيسڪ)  چيني ايپ ٽڪ ٽوڪ ڀارت ۽ آمريڪا طرفان پابندي جي باوجود دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي آهي. سينسر ٽاور جي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ آگسٽ ۾ سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪيل ايپ ٽڪ ٽوڪ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام کان به اڳتي نڪري وئي آهي. آگسٽ جي مهيني ۾ ٽڪ ٽوڪ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون ڪيل ايپ رهي جڏهن ته فيس بڪ ٻئي ۽ انسٽاگرام ٽئين نمبر تي رهي. سينسر ٽاور جي تجزياتي رپورٽ موجب سڀني کان وڌيڪ ٽڪ ٽوڪ ڊائون لوڊ ڪندڙ ملڪن ۾ انڊونيشيا ۽ برازيل شامل آهن. ٽڪ ٽوڪ جي ٽوٽل ڊائون لوڊرز ۾ 11 سيڪڙو حصو انڊونيشيا ۽ 9 سيڪڙو حصو برازيل جو آهي. آگسٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ کي 6 ڪروڙ 34 لک صارفين ڊائون لوڊ ڪيو جنهن جو مطلب اهو آهي ته گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ هن سال ٽڪ ٽاڪ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شرح ۾ 1.7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ٻئي طرف دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپس جي لسٽ ۾ ٻيون نمبر فيس بڪ جو آهي جنهن کي 5 ڪروڙ 16 لک صارفين طرفان ڊائون لوڊ ڪيو ويو. سڀني کان وڌيڪ فيس بڪ ڊائون لوڊ ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت ۽ انڊونيشيا شامل آهن. فيس بڪ جي ٽوٽل ڊائون لوڊر مان 25 سيڪڙو حصو ڀارت جڏهن ته 9 سيڪڙو حصو انڊونيشيا جو آهي. ان کان علاوه آگسٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ٽاپ 5 ايپس ۾ انسٽاگرام، اسنيپ چيٽ ۽ پنٽريسٽ به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو