ٽڪ ٽوڪ تي پابندين ۾ فيس بڪ جي مالڪ جو ڪردار

لاس اينجلز(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ چيني مقبول ترين ايپ ٽڪ ٽوڪ تي پابندي هڻائڻ ۾ فيس بڪ جي مالڪ مارڪ زُڪربرگ جو اهم ڪردار آهي. سڀ کان اڳ ۽ وڌيڪ چيني ايپس بابت هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته چيني ايپس ذريعي آمريڪا جي ڊيٽا چوري ٿي سگهي ٿي ۽ سيڪورٽي تي به سمجهوتو ٿي سگهي ٿو. لاس اينجلز ٽائمز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ صدر ٽرمپ سان ذاتي ملاقات ۾ هن پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. ان وقت اهي خبرون به آيون ته ٽڪ ٽاڪ فيس بڪ لاءِ وڏو چيلينج آهي. جنهن بعد هن فيس بڪ ۾ تبديليون ڪري نوان فيچر متعارف ڪرايا ۽ ٽڪ ٽوڪ جهڙي ايپ آڻڻ جو به اعلان ڪيو هو ۽ سندس ڪاپي ڪيٽ ناڪام ثابت ٿي. هن بعد ۾ ريپبلڪن سينيٽرز ۾ لابنگ به ڪئي. جنهن بعد صدر ٽرمپ ان کي آمريڪا جي سيڪورٽي لاءِ خطرو قرار ڏيندي سرڪاري ادارن ۾ ان جي استعمال تي بندش هنئين ۽ بعد ۾ سڄي ملڪ ۾ پابندي هنئين هئي. جنهن خلاف ٽڪ ٽوڪ ڪمپني آمريڪا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو ٽڪ ٽوڪ استعمال ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو