ٽڪ ٽاڪ حريم شاهه کان قومي ڪرڪيٽر به محفوظ نه رهيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ سان مقبوليت حاصل ڪندڙ حريم شاهه سياسي اڳواڻن ۽ معروف شخصيتن کان پوءِ هاڻي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ رانديگر جي وڊيو به ليڪ ڪري ڇڏي آهي. حريم شاهه مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر ذريعي قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي هڪ وڊيو ليڪ ڪئي. وڊيو شيئر ڪرڻ سان گڏ ڪيپشن ذريعي وضاحت ڪئي ته توهان مان گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کان ناواقف هوندا ته ڪجهه مهينا اڳ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي کي ايڪسپوز ڪيو هو. حريم شاهه قومي ڪرڪيٽر تي الزام لڳائيندي وڌيڪ چيو ته جناب وڊيو ڪال ڪرڻ جو چئي رهيو هو ۽ جڏهن مان ان جي وڊيو ڪال رسيو ڪئي ته هن غلط حرڪتون شروع ڪري ڏنيون. ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه انڪشاف ڪيو ته ان وڊيو ليڪ ۾ شاهين آفريدي مون سان وڊيو تي غلط حرڪتون ڪندو رهيو. حريم شاهه قومي ڪرڪيٽر جي وڊيو ليڪ ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ کان ان وڊيو کي ڦورن هٽائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو