‘ٽڪيٽن جي ورهاست سبب پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ نقصان ٿيو’

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن جي نتيجن تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، اهي چونڊون پي ٽي آءِ جي غير مقبوليت کي ظاهر نه ٿيون ڪن.فواد چوڌري خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ 17 تعلقن جي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي پي ٽي آءِ جا حمايتي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. پي ٽي آءِ جي چئن، چئن ماڻهن ڪيترن ئي هنڌن تي آزاد اميدوار طور حصو ورتو، گڏيل طور تي اهو ووٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جو آهي. اصل ٽڪيٽن جي ورهاست تي اختلافن سبب اسانکي نقصان ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو