ٽي ٽي پي هٿيار ڦٽا ڪري ته کين معاف ڪري ڇڏينداسين، وزيراعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان يعني ٽي ٽي پي لاءِ مشروط معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري تھ کين معاف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم عمران خان ترڪ نشرياتي اداري ٽي آر ٽي ورلڊ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ٽي ٽي پي کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، ڳالهين لاءِ افغان طالبان ٽياڪڙي ڪري رھيا آھن. انٽرويو دوران عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروپس سان رابطي ۾ آهيون، ڪجهه گروپس حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا، ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپس ڳالهين لاءِ تيار آهي. وزيراعظم جي ان بيان تي اپوزيشن جماعتن ۽ صحافين سخت تنقيد ڪئي آهي ته دهشتگردن کي معافي جو حق حڪومت کي ڪنهن ڏنو آهي؟ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شيري رحمان، سيد نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارن جي قاتلن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن کي معافي ڏيڻ جو حڪومت کي اختيار ناهي، اسانکي ٻڌايوته اهو فيصلو ڪنهن ڪيو؟ پارليمان کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟ اينڪر پرسن سليم صافي، غريده فاروقي ۽ ٻين به ان تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي وزيراعظم ٺاهڻ وارن کي گهرجي ها ته هو کيس سفارتي آداب به سيکارين ها، دنيا سندس اهڙي بيان تي کلندي ۽ پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. عمران خان جي هوندي پاڪستان کي دشمن جي ضرورت نه پوندي.پيپلز پارٽي پارليمان جو اجلاس گهرائي ان تي بحث جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو