ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پاڪستان پهرين ميچ ڀارت سان کيڏندو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ مهيني دبئي ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي روانگي جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب قومي اسڪواڊ 15 آڪٽوبر تي لاهور کان چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي گڏيل عرب امارتن ڏانهن روانو ٿيندو. قومي اسڪواڊ جي سپورٽنگ اسٽاف ۾ شامل سمورا ميمبر 8 آڪٽوبر تي لاهور ۾ گڏ ٿيندا، بالنگ ڪنسلٽنٽ ورنن فلينڊر 7 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندو، اهي سمورا فرد لاهور جي مقامي هوٽل ۾ 7 ڏينهن قرنطينه ڪندا، جڏهن ته بيٽنگ ڪنسلٽنٽ ميٿيو هيڊن گڏيل عرب امارتن ۾ قومي اسڪواڊ کي جوائن ڪندو. نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو فائنل 13 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو ۽ رانديگر ايونٽ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هڪ کان ٻئي ببل ۾ منتقل ٿي ويندا. پاڪستاني اسڪواڊ 15 آڪٽوبر تي گڏيل عرب امارتن ۾ ويندو، قومي اسڪواڊ ۾ شامل سمورا ميمبر فيملين سان گڏ دبئي وڃي سگهندا. واضح رهي ته قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 24 آڪٽوبر تي روايتي مخالف ڀارت سان کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو