ٽي سي ايل پاران دنيا جو سستو ترين فولڊ ايبل فون متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽي سي ايل ڪيترن ئي سالن کان فولڊ ايبل فونز جا پروٽوٽائپ ماڊل پيش ڪري رهيو آهي، پر اڃا تائين ڪو به فون صارفين لاءِ پيش نه ڪيوهو پر هاڻي هنن تمام سستو فولڊ ايبل سمارٽ فون‘فليڪس وي’ متعارف ڪرايو آهي. TCL لاس ويگاس ۾ CES ٽيڪنالاجي واري نمائش ۾ فون کي پيش ڪيو. فون ڊزائن ۾ سامسنگ جي فلپ 3 ۽ گيلڪسي زيڊ سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ مڊ رينج خاصيتن تي مشتمل آهي. هن فون جي قيمت 600 ڊالر آهي جيڪو دنيا جو سستو ترين فولد ايبل فون آهي. TCL Flex V ۾ ڪوالڪوم جو فائيو جي اسنيپ ڊريگون پروسيسر آهي جيڪو 2020 ۾ مڊل رينج سمارٽ فونز لاءِ سڀ کان مشهور پروسيسر هو. فون ۾ 48 ميگا پڪسل مين ۽ 16 ميگا پڪسل ڪيمرا سان گڏ ڊبل ڪيمرا سيٽ اپ آهي، فون ۾ سيلفي لاءِ 44 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي.ڪمپني فون جي ڊسپلي يا ريفريش جي شرح تي تفصيل نه ڏني. ان ۾ 3545 ايم اي ايڇ جي بيٽري هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو