ٽي ايم خان ۾ ڪورونا سبب هڪ فوت 9 داخل

ٽنڊومحمدخان(لال بخش سٺيو)ڪروناوائرس جي ڦھلجڻ ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ 25 ماڻهن جي ٽيسٽ مان 10 جا نتيجا پازيٽو آيا آهن. جن مان ھڪ منظورميمڻ  فوت ٿي چڪو آھي باقي 9 ماڻھن کي لمس حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو ويو آھي. ڊي سي ياسر ڀٽي  پاران عوام کي  گھرن ۾ رھڻ ۽ احتياط ڪرڻ جومشورو ڏنو ويوآھي.ايس ايس پي عابدبلوچ پاران ضلعي ۾ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. آئسوليشن وارڊ م  ڪروناوائرس جي ڪرايل 25ماڻھن جي ٽيسٽن مان  10ماڻھن جون ٽيسٽون پازيٽو اچي ويون.ٽوٽل انگ 10ٿي ويو.  .جنھن ۾ روشن ولدجمن، عثمان ولد حاجي رمضان زنئور.حسين احمدولد  نوراحمد.حامدولد نوراحمد، محمدصديق ولد راج محمد، عبدالستار، محمدرمضان ولدشفيع محمد،  نورمحمدولدجان محمد،حسين ولد صالح ٻرڙو جون ٽيسٽون پازيٽو اچڻ کان پوءِ کين لمس حيدرآباد ۾ علاج لاء نيوويوآھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو