ٽي ايل پي مارچ، ميٽرو۽ انٽرنيٽ معطل، روڊ بند، پوليس ۽ رينجرز جو گشت

سلام آباد(بيورو رپورٽ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان يعني ٽي ايل پي، پاران جمعي تي اسلام آباد لانگ مارچ جي ڌمڪي بعد اسلام آباد ۽ راولپنڊي انتظاميه الرٽ ٿي وئي آهي. صدر کان آءِ جي پي چوڪ تائين ميٽرو سروس معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ جي پي کان سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو سروس جاري رهندي. شاهين چوڪ ۽ فيض آباد انٽر چينج تي ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، راولپنڊي ۾ ڪيترن ئي جاين تي رستا بند آهن، جنهن سبب عوام پريشان آهي ۽ ٽريفڪ جا مسئلا آهن. جلوس کي اسلام آباد ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٻنهي شهرن جي پوليس اضافي دستا طلب ڪيا آهن، رينجرز ۽ ايف سي جا دستا به گشت ڪري رهيا آهن. هوڏانهن لاهور ۾ ڪجهه علائقن ۾ اڄ به انٽرنيٽ سروس معطل آهي، ملتان روڊ تي سمن آباد گرڊ اسٽيشن اسٽاپ وٽ ڪنٽينر رکي رستو بند ڪيو ويو آهي، لاهور جي اقبال ٽائون دبئي چپڪ تي بن ڪنٽينر لڳايا وويا آهن. گهر کاتي جي وفاقي وزير خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به قانون هٿ ۾ کنيو ته ان سان رعايت نه ڪنداسين ۽ قانون پنهنجو رستو پاڻ طئي ڪندو. ٽي ايل پي جي دعوي آهي ته سندن ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا يا آهن. سندن مطالبو آهي ته ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪو حڪومتي حراست ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو