ٽي ايل پي سربراهه سميت 487 ڪارڪنن جا نالا فورٿ شيڊول مان خارج

لاهور(ويب ڊيسڪ)تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊول مان ڪڍيو ويو آهي. صوبائي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته خادم حسين جي پٽ حافظ محمد سعد جو نالو اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 جي چوٿين شيڊول جي لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي (ڊي آءِ سي) جي سفارش تي ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جو نالو چوٿين شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو هو. ان کان علاوه صوبائي گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت فورٿ شيڊول جي فهرست مان وڌيڪ 487 ماڻهن جا نالا به خارج ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ان کان اڳ به ٽي ايل پي جي 90 ميمبرن جا نالا فورٿ شيڊول مان ڪڍيا ويا هئا، جنهن بعد مجموعي انگ وڌي 577 ٿي ويو آهي. هن چيو ته چوٿين شيڊول جي لسٽ اپڊيٽ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ضلعن جي پوليس رپورٽن تي ڪارروائي ڪندي فورٿ شيڊول جي لسٽ مان نالا ڪڍيا ويا. ياد رهي ته 7 نومبر تي وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 جي سب سيڪشن ون تحت پابندي مڙهيل جماعت جي فرسٽ شيڊول مان ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن جي وزيراعظم عمران خان منظوري ڏني هئي. فورٿ شيڊول انهن ماڻهن جي فهرست آهي، جن تي دهشتگردي ۽ فرقيواريت جو شڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو