ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ بزدار پاران ڪميٽي قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان يعني ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ راجا بشارت ۽ چوڌري ظهير تي مشتمل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ساڻن ڳالهيون ڪندي. هن ٽوئٽر هينبڊل تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اهڙو اعلان ڪيو آهي. ٽي ايل پي پنهنجي اڳواڻ سعد رضوي جي آزادي لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ سندن احتجاج جاري آهي ، هنن اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو