ٽي ايل پي سان معاهدو حساس معاملو آهي بيان نه ڏيو، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم ميمبرن کي پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي معاملي تي بحث ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته اهو حساس معاملو آهي، ان معاملي جي جاچ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته معاملا خوش اسلوبي سان حل ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب وزيراعظم اليڪشن ڪميشن جي معاملي تي وفاقي وزيرن کي هدايت ڪندي چيو ته فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي سان گڏ ٻيا وزير به اليڪشن ڪميشن ۾ وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سمورن وزيرن کي يڪ زبان هجڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو