ٽيڪنو موبائل جو نئون فون مارڪيٽ ۾ اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ٽيڪنو موبائل هڪ وچولي قيمت وارو  سمارٽ فون اسپارڪ 8 نائيجيريا ۾ متعارف ڪرايو آهي. اسپارڪ 8 ۾ 6.5 انچ جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏني وئي آهي. فون۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ فرنٽ تي لڪل آهي. اسپارڪ 8 ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيلو پي 22 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 2 جي بي ريم ۽ 6 جي بي اسٽوريج جي سهولت آهي. فون ۾ اينڊرائيڊ 11 گو  ايڊيشن آپريٽنگ سسٽم کي ڪمپني جي هاءِ او ايس 7.6 سان ليس ڪيو ويو آهي. اسپارڪ 8 جي هڪ خاص ڳالهه ان جي 5000 ايم اي ايڇ طاقتور بيٽري آهي جنهن سان گڏ 10 واٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي. فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي. جيڪا 16 ميگا پڪسل جي آهي. ان فون جي قيمت 130 ڊالر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو