ٽيڪس چون خلاف پهرين جولاءِ کان ڀرپور ڪاروائي ٿيندي، ترين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزي شوڪت ترين چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان ٽيڪس چور ڪاروائي کان بچي نه سگهندا، جيڪو ڪمائي ٿو سڀني کي ٽيڪس ڏيڻي پوندي. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ٽيڪس نوٽيس جو ڪو جواب ئي نه ڏيندو هو پر هاڻي سڀني کي حساب ڏيڻو پوندو. ياد رهي ته نئين سال جي بجيٽ ۾ فنانس بل ۾ ٽيڪس نه ڀريندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار ٽيڪس اختايارين کي ڏنو ويو آهي. جنهن تي واپاري تنظيمن سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي اهو ڪلاز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزير خزانه جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي ناجائز تنگ نه ڪيو ويندو پر صاحب حيثيت ماڻهن کي ٽيڪس ڀرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو