ٽيڪس فراڊ ڪيس ٻن ڀائرن کي ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت سيلز ٽيڪس ريفنڊ ڪيس ۾ ڪرپشن جو ڏوهه ثابت  ٿيڻ تي جوابدار شاهد اقبال ۽ محمد صابر  کي 10-10 سال قيد ۽ هڪ ڪروڙ 97 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جوابدار سڳا ڀائر آهن.  جڏهن ته عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ ايف بي آر ملازمن شاهد شميم   ۽ شميم اختر کي 5-5 سال قيد ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت اهڙو  حڪم ڪالهه نيب پاران داخل ڪيل سيلز ٽيڪس ريفنڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جوابدارن ايف بي آر جي ملازمن جي مدد سان جعلي ٽيڪس ريفنڊ تحت قومي خزاني کي 11 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان پهچايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو