ٽيڪس جا معاملا نيب نه پر ايف بي آر ڏسندي؛ حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي معاون خصوصي احتساب مرزا شهزاد اڪبر قومي احتساب بيورو (نيب) جي قانون ۾ ترميم جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل ترميم جي بدولت ٽيڪس جا سڀ معاملا نيب نه پر هاڻي وفاقي تحقيقاتي ادارو ايف آءِ اي ڏسندي. وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته نيب جو ڪم ڪرپشن کي روڪڻ آهي ادارن جي اصلاح ڪرڻ نه. شهزاد اڪبر واضح ڪيو ته ڄاڻايل ترميم موجب جيڪڏهن ڪو به شخص پبلڪ آفيس هولڊر نه هوندو ته ان جي بدانتظامي جو ڪيس نيب نه هلائيندو. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته مان موڪل تي هيس پر نيب قانون ۾ ترميم متعلق ڪنفيوزن پري ڪرڻ آيو آهيان. ان کان علاوهه هن تصديق ڪئي ته آرڊيننس کي پارليامان ڏانهن به موڪلڻ گهرجي ۽ گذريل 10 سالن ۾ نيب قانون ۾ تبديلي جون خواهشون بد نيتي تي ٻڌل هيون جنهن ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو. شهزاد اڪبر چيو ته نيب ترميمي ڊرافٽ ڏسڻ بغير تنقيد ڪئي پئي وڃي معاشري ۾ ڪرپشن جو ناسور وڌايو ويو آهي۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قانون جي ضرورت آهي. هن چيو ته صرف فيصلو ڪرڻ سان ڪنهن جو ڪيس نيب ۾ ايندو هو ته اها زيادتي هئي. معاون خصوصي احتساب پاڪستان ۾ احتساب قانون سخت هجڻ جي به دعويٰ ڪئي. شهزاد اڪبر چيو ته 12 مان هڪ شق اختيارين جي ناجائز استعمال متعلق آهي ۽ اختيارين جي ناجائز استعمال بابت وضاحت ٿيڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته ائين ناهي جو نيب ترميمي قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن ٽيڪس چور کي رعايت ملندي پر اهو معاملو لاڳاپيل ادارا ڏسندا.

پهنجو تبصرو موڪليو