ٽيڪس امير طبقي تي هڻو، غريبن کي جيئڻ ڏيو، ترقي پسند پارٽي

وارھ / غوثپور(طالب حسين چانڊيو ۽ عبدالنبي ملڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌي ويل مهانگائي خلاف وارهه ۽ غوثپور ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. وارھ ۾ مهانگائي جي خلاف حيات تنيو جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان فاضل راهو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي حيات تنيو مرتضىٰ چانڊيو جبران ڇٽو عبدلنبي چانڊيو امداد سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي مهانگائي واري سونامي عام ماڻھن جي زندگين ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون ۽ ڏکيائون پيدا ڪري ڇڏيون آھن جنهن ڪري عام ماڻھون ٻن وقتن جي ماني کائڻ ۽ پنهنجي زندگي جون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿا ڪري سگهن. وڌندڙ مهانگائي کان تنگ ماڻھو پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور آھن. *** غوثپور ۾ به سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻن شيرزمان بجاراڻي، تاج محمد جعفري، ارشاد سندراڻي  اصغر سبزوئي معشوق ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو. جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حُڪمرانن وڏا وڏا واعدا ڪري، هڪ واعدي تي به عمل نه ڪيو، اهي ٽيڪس غريب عوام بجاءِ ڪرپشن ڪندڙن تي لاڳو ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام فاڪا ڪشي تي مجبور آھي، اسان وفاق کان مطالبو ڪريون ٿا ته لڳايل واڌو ٽيڪس ختم ڪري، عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو