ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ آرڊر رد، 5 لک ماڻهو بيروزگار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽيڪسٽائل ملز جي مالڪن آمريڪا ۽ يورپ ۾ برآمدات جا آرڊر اڻڄاتل مدي تائين رد ٿيڻ سبب ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي برطرف ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسو سيئيشن جي جنرل سيڪريٽري عزيزالله جي حوالي سان ڊان نيوز خبر ڏني آهي ته هڪ پاسي ملڪ ۾ جزوي لاڪ ڊائون جي صورتحال آهي ته ٻئي پاسي يورپ مان سندن 50 سيڪڙو ايڪسپورٽ جا آرڊر رد ٿي چڪا آهن جنهن سبب ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. 254 ٽيڪسٽائيل ملز جي هن تنظيم جو چوڻ آهي ته سندن ملز ۾ 5 لک ماڻهو ڊيلي ويجز تي ڪم ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو