ٽيلرميڊ جمهوريت آهي، گارڊ به هن جي حڪم تي فائر نه ڪندو،زرداري

اسلام آباد (اياز مهر) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي سنڌ ۽ بنگلاديش ٺاهيو هو، ڪشمير سانحي جي اهميت اوڀر پاڪستان جي سانحي جيتري آهي، مودي جي سوچ هڪ ڏينهن ڀارت کي به ٽوڙي ڇڏيندي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ڪشمير ڪاز تي ئي وجود ۾ آئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو اندرا گانڌي سان ڳالهيون ڪري زمين واپس ورتي هئي. هن وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته چا مودي کي خبر ناهي ته پاڪستان ۾ هٿ ٺوڪي حڪومت آهي. منهنجي دور ۾ اهڙو واقعو ٿئي ها ته مان روس، چين. متحده عرب امارات ۽ ايران پهچي وڃان ها. هن وزيراعظم جو نالو کڻڻ کانسواءِ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته ڇا جنگ ڪريون؟ توهان جو گارڊ به تيستائين فائرنگ نه ڪندو، جيستائين مٿس فائرنگ نه ٿئي، لکي وٺو توهان جو گارڊ به توهان جي حڪم تي فائرنگ نه ڪندو. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته اسان کي ڪشميرين سان گڏ رهڻو آهي، ڪشميري اڃا تائين سياسي طور به زند آهن، آئون اُنهن سان مليو آهيان. مون تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته روز دبئي ۽ ابو ظهبي ويندو هئس. اسان بالي ووڊ گهمڻ ته ڪونه ويندا هئاسين ۽ معاف ڪجو مشرف جيان چين ۾ ڊانس ڪرڻ لاءِ منهنجي لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي. خدا نه ڪري جيڪڏهن منهنجي دور ۾ ائين ٿئي ها ته منهنجي پهرين فلائيٽ ابو ظهبي ۽ پوءِ ٻي چين لاءِ هجي ها، اُتان پوءِ وري ايران کان ٿيندو واپس اچان ها. ڇاڪاڻ ته اسان کي دُنيا جي حمايت ۽ همدردي وٺڻي آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ آئون ئي پهريون صدر هئس، جيڪو روس جي دوري تي ويو هو. آصف زرداري موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان اڪيلا آهيو، عوام به اسان سان اُن ڪري گڏ آهي جو اسان توهان سان گڏ ناهيون. ڇا ڀارت کي خبر ناهي ته پاڪستان ۾ ٽيلر ميڊ جمهوريت هلي رهي آهي. مون هي پهرين حڪومت ڏٺي آهي، جنهن لاءِ دُنيا پُڇي رهي آهي ته توهان جِن جي ڪُلهن تي ويٺا آهيو، اُنهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن. آصف زرداري چيو ته پاڪستان کي سنڌ ۽ بنگلاديش ٺاهيو هو، توهان ته مهاجر ٿي آيا هئا ۽ اسان توهان کي پناهه ڏني هئي، اسان پاڪستان اُن لاءِ ٺاهيو ته جيئن مسلمان هتي رهي سگهن، ڪشميرين ۽ ڀارتي مسلمانن کي قائد اعظم جو ٻه قومي نظريو سمجهه ۾ هاڻي اچي ويو هوندو. ڪشميرين کي جسَ هجي، جيڪي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ڪشميري پاڪستاني جهنڊو ويڙهي ويڙهه ڪن ٿا ته مٿن پئليٽ گنز سان فائر ڪيا وڃن ٿا، اکيون ڪڍيون وڃن ٿيون، ڪشمير جي هر گهر جو فرد شهيد ٿي رهيو آهي، اڄ ڪشمير جو اڌ انگ ٽٽي ويو آهي. پارلليامينٽ ۾ جاري بهث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزي فواد چوڌري چيو ته ڀارت سان سفارتي ناطا ختم ڪريو، اسين ڪسمير کي فلسطين بنجڻ نه ڏينداسين، وڙهندا ته وڙهنداسين. شيري مزاري چيو ته ڀارت جنگي جرائم جو مرتڪب ٿيو آهي، رضا رباني چيو ته مودي هندن لاءِ ڪشميرين کان ڪشمير فتح ڪيو آهي، هن چيو ته ٽرمپ ٽياڪڙي تي خوشي ٿا ملهايو هن گولان هائيٽس اسرائيل کي ڏئي ڇڏيو هو، ڀارت رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. راجا ظفرالحق، خواجا آصف ، سراج الحق ۽ ٻين به تقريرون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو