ٽوڪيو اولمپڪس: سوني ميڊل جي اصل قيمت ڪيتري آهي؟

اولمپڪس ۾ تمغو حاصل ڪرڻ لاءِ اٿليٽس سخت محنت ڪن ٿا،  پگهر ۽ ڳوڙھا وھائن ٿا  ۽ ڪيتريون ئي قربانيون ڏين ٿا اولمپڪس ۾ ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ. پر آخر ۾ ميڊل کٽڻ کان پوءِ  ھڪ لمحي لاءِ ھو اھو ضرور سوچيو ھوندو  ته ھن ڌات جي ٺھيل ميڊل جي اصل قيمت ڪيتري آھي. ان جو جواب دلچسپ آهي ، پر ڳالھ  ايئن نه آھي  جيئن  توهان سوچي رھيا. ڪجهه ماڻھو اھو به سوچين ٿا  ته ڇا اولمپڪس جا گولڊ ميڊلز واقعي  سون  جا ٺھيل آھن يا نه. هر ڀيري  اولمپڪس جي دوران تمغي جي ڊيزائن ۽ جوڙجڪ مختلف ھوندي آھي. ھن آرٽيڪل ۾ اسان توھان کي ٽوڪيو اولمپڪس راندين جي تمغن  بابت ٻڌائينداسين. ٽوڪيو اولمپڪس ۾ فاتح ايٿليٽس کي ڏنل تمغه ريسائيڪل / ٻيھر استعمال جي قابل  شين مان تيار ڪيا ويا آھن. جاپاني ماڻھن اھڙيون ڪيتريون ئي بجلي تي ھلندڙ شيون عطيو ڪيو جن مان اولمپڪ جا تمغا تيار ڪيا ويا.

Photo Courtesy BBC Urdu/Getty Images

پر ان ۾ ڪا به قميتي شيءَ موجود ناھي. ڇا گولڊ ميڊل واقعي سون جو ٺھيل آھي؟ ته ان جو جواب آھي نه. اولمپڪ گولڊ ميڊل جي تياري ۾  گهٽ ۾ گھٽ 92.5 سيڪڙو  چاندي استعمال ٿئي ٿي. پر ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ 6 گرام سون جو ھجڻ ضروري آھي. ھڪ ماهر جي مطابق  اولمپڪ گيمز ۾ پيش ڪيل سون جو تمغو تقريبن 540 پائونڊ (750 آمريڪي ڊالر) جي برابر آھي. ھي رقم شايد ھڪ عام ماڻھو لاءِ  تمام گھڻي  ھجي  پر اھڙن اٿليٽس  لاءِ جن پنھنجي زندگيءَ جو گھڻو وقت ، ڪوشش ۽ پئسا خرچ ڪيا ھجن  ھن راندين ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ته پوءِ ھي رقم انھن لاءِ شايد گهڻي نه ھجي. بالڊونز  آڪشنز جي رچرڊ گليڊيل جو چوڻ آهي ته اها هڪ ظاهري قيمت آهي، جيئين هڪ سڪي ۾ موجود  ڌات جي ھوندي آھي. هن جي قيمت جو بنياد آهي ميڊل ۾ موجود ڌات ۾ آھي. جيڪڏھن چاندي جي تمغي ۾ موجود چانديءَ کي ڳاريو وڃي ،  ته ان جي قيمت  297 پائونڊ ٿئي ٿي. جڏھن ته ڪانسيءَ جو تمغو  ٽامي ۽ زنڪ جي ميلاپ مان ٺاھيل آهي. ان جي قيمت پنج پائونڊ کان گھٽ آهي. جيڪا نه ھجڻ جي برابر آھي. پر هن ظاهري قيمت ۾ تمغي جي پنھنجي اھميت به شامل  آهي. يقيناََ هڪ کٽڻ واري اولمپين لاءِ بظاهر  ٿوري قيمت ڪا معنا نٿي رکي. ھڪ اھڙي  رانديگر لاءِ  جنھن کي پنھنجي ڪاميابيءَ تي فخر ھجي ته ان   تاريخ جي ڪتابن ۾ پنھجي فتح کي مھر بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھي تمغو ان جي گواھي ڏئي ٿو. ماضي ۾ سن  1912 تائين اولمپڪ تمغا اصل ۾ خالص سون مان ٺاھيا ويندا ھئا.  پر پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ملڪن چاندي جي تمغن تي سون جو رنگ ڏيڻ  شروع ڪيو.

Photo courtesy BBC/ Reuters

اڪثر تصويرن ۾ کٽيندڙ رانديگرُ  گولڊ ميڊل کي پنهنجي ڏندن سان چماڙيندي نظر اچي ٿو. اھو ان ڪري آھي جو سون ٻئي ڪنھن  ڌات  کان ويڪ نرم ھوندو آھي ۽ پڪ ڪري سگهجي ته  اھو  سون جو ٺھيل آھي. ان  روايت کي ڏسندي، ٽوڪيو 2020 جا منتظمين بار بار مذاق ڪندي رانديگرن کي ياد ڏياريندا رھيا ته  ھي ڌات ”کائڻ لاءِ نه“ آھي. پر تمغن جي اصل قيمت تڏھن سامھون ٿي اچي جڏھن انھن جي نيلام ٿئي ٿي. اولمپڪ ميڊلز عام طور تي نه وڪيا ويندا آهن  پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ان کي نيلام  ڪري لکين پائونڊ ۾ وڪڻندا آهن. گليڊيل جو چوڻ آهي ته نيلامي ۾ تمغي جي قيمت  کٽڻ واري رانديگر تي به دارومدار ڪري ٿي. هن جو چوڻ آهي ته ماڻهو اولمپڪ گولڊ ميڊل جو فقط مالڪ ٿيڻ پسند نٿا ڪن پر ان سان گڏوگڏ  ھو  پنهنجي اولمپڪ هيرو جي نشانيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا. (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو، خبر ۽ تصويرون بي بي سي جي ٿورن سان) jawaid_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو