ٽولا پلازه عملي ۽ وڪيلن وچ ۾ ٽئڪس وٺڻ تان جهيڙو

سکر(بيورو رپورٽ) ٽولا پلازه عملي ۽ وڪيلن وچ ۾ ٽئڪس وٺڻ تان جهيڙو ٿي پيو ، ٽول پلازه عملي سنڌ بارڪائونسل جي ميمبر ۽ سنڌهاءڪورٽ سکر بار جي صدر قربان ملاڻو. جنرل سيڪريٽري علي عباسي ۽ سندر خان چاچڙ کي تشدد جو نشانو بڻايو. واقعي جي اطلاع تي وڪيل برادري وڏي انگ ۾ پهتي، روڊ تي گاڏيون بيهاري ٽول پلازه بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. وڪيلن جي دعويٰ آهي ته ٽول پلازه جي ڏنڊا بردارن وڪيلن تي حملو ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو