ٽن مھينن ۾ ملڪ ٺيڪ ڪرڻ واري عمران خان ڪجهه به نه ڪيو آهي،بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 90ڏينهن ۾ سڀ ٺيڪ ڪرڻ واري عمران خان کي اڄ 33مهينا ۽ 11ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ۽ ايندڙ 813ڏينهن ۾ به هو ڪجهه نه ڪري سگهندو، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄ وقت ٻيهر ثابت ڪيو ته پ پ جي معاشي ۽ زرعي پاليسيون ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهن، هن چيو ته ٽن سالن ۾ ٽيون ڀيرو ناڻي وارو صلاحڪار آندو ويو، ايف بي آر جي چئن ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ٽن چيئرمينز کي بدلايو ويو پر عمران خان معيشت ۾ بهتري نه آڻي سگهيو، عمران خان جي ٽيم ورڪ جو اهو نتيجو آهي ته معاشي ٽيم هڪ ڏينهن فيصلو ڪري ٿي ته ٻئي ڏينهن ڪابينا ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمران خان ملڪ جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو