ٽن منٽن ۾ جهاز بڻجندڙ ڪار جو تجربو ڪامياب

لنڊن(ويب ديسڪ)سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنين طرفان اڏامندڙ ڪار ٺاهڻ جو تجربو ڪيو پيو وڃي پر هاڻ تازو ئي هڪ اهڙي ڪار جو تجربو ڪيو ويو آهي جيڪا صرف 3 منٽن اندر جهاز بڻجي ويندي. سلوواڪيا ڪمپني گذريل 30 سالن کان اڏامندڙ ڪار ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هاڻ ڪمپني پنهنجو خواب پورو ڪري ڏيکاريو آهي. تازو ئي ڪمپني (ڪئين وزن) نالي اڏامندڙ ڪار جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ڪمپني موجب اها ايئر ڪار نه صرف هوا ۾ اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر اها زمين تي به هلي سگهي ٿي ۽ هن ڪار ۾ ايئرڪرافٽ ۾ تبديل ٿيڻ ۾ صرف 3 منٽن جو وقت لڳي ٿو. سلوواڪيا ڪمپني موجب ڪار جو وزن 1100 ڪلو آهي جڏهن ته هي ايئرڪار اضافي 200 ڪلو وزن برداشت ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿي. ڪلئين وزن ٺاهيندڙ ماهرن تازو ئي هن ايئر ڪار جي هڪ وڊيو يو ٽيوب تي شيئر ڪئي جيڪا تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن ڪار پهريان ايئرڪرافٽ ۾ تبديل ٿيندي آهي ۽ هوا ۾ اڏام ڀرڻ کان پوءِ اها زمين تي لينڊ ڪندي ڊوڙي ٿي.  هن ڪار جي اڏام جو سلوواڪيا جي ايئرپورٽ تي تجربو ڪيو ويو آهي. هن ايئر ڪار جي اڏام جي تجربي ۾ ٻه ٽيڪ آف  ۽ ٻه لينڊنگ شامل هئا جيڪي ڪامياب رهيا. ڪمپني موجب اها ايئر ڪار اوهان پنهنجي آفيس، شاپنگ مال يا ڪٿي به کڻي وڃو سگهو ٿا پر هن ڪار کي هلائڻ جي لاءِ اوهان وٽ ڊرائيونگ سان گڏوگڏ پائلٽ جو لائسنس هجڻ به ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو