ٽن ضلعن جا ايس ايس پي بدلي نوٽيفڪيشن جاري

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) آءِ جي سنڌ طرفان سنڌ جي ٽن ضلعن گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص جي ايس ايس پيز کي بدلي ڪيو ويو آهي ۽ نوان ايس ايس پي مقرر ڪيا ويا آهن. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي عمر طفيل کي  ايس ايس پي گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو پوسٽنگ جي انتظار ۾ هو. جڏھن ته ايس ايس پي فرخ لنجار کي سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي کي اهڙي وقت بدلي ڪيو ويو جڏهن اوٻاوڙو جي ڪچي ۾ آپريشن هلندڙ هو جتي هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 7 زخمي ٿيا هئا. ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي کي به سي پي او رپورٽ ڪرايو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي محمد طارق نواز کي جيڪب آباد جو نئون ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ڪراچي اولهه ۾ انويسٽيگيش جو انچارج هو. جڏهن ته گريڊ 19 هين جي فيصل بشير ميمڻ کي ايس ايس پي ميرپور خاض مقرر ڪيو ويو آهي جتان جاويد بلوچ کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو