ٽنڊو محمد خان ۽ ٺڪراٺي ۾ 1100 جون تاران ڪري پيون

سترموري/ ٺڪراٺو(نمائندن وٽان) ٽنڊومحمدخان لڳ  ڳوٺ سليمان سومرو ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور وڏو چٽو ٻني ۾ ڪريل بجلي جي 11ھزار تارھٽائندي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ***ٺڪراٺو سيپڪو خانڳڙھ جي لاپروهي سبب لانڍي ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ بجلي جون يارهن هزار جون  تارون زمين تي ڪري پيون جنهن جي ڪري وڏو جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي پاسي مبارڪپور  گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ لانڍي فيڊر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جنهن ۾ ڳاڙهو دڙو ، آچر مهر ، ميان ڪنڍو، لانڍي سميت ڪيترن ئي  ڳوٺن ڏانهن ويندڙ  بجلي جون تارون  ٿنڀا  ناڪارا هئڻ سبب ٿنڀن تان تارون هيٺ زمين تي ڪري پيون آھن ، ڪيتريون ئي تارون ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ڪاٺ جا ٽڪڙا ڏيئي پنهنجي ۽ چوپايو مال جي اچ وڃ جو رستو ٺاهيو آھي پرسيپڪو خانڳڙھ وارا لاپرواهي ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو