ٽنڊو محمد خان برسات سبب بري طرح متاثر، گهر ۽ فصل تباهه

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ضلعي جي ٽنهي تعلقن بلڙي شاھ ڪريم ٽنڊو محمد خان ٽنڊو غلام حيدر جي جنهاڻ سومرو ، ڏتاواھ ، جاڙاواھ ، ڏاڏون ، سنڌ آباد گار ، سعيد خان لنڊ  شيخ ڀرڪيو جلال موري فاران شگر مل ڊگه موري ڳوٺ پيروز بروهي بشيراحمد بروهي سميت پٽار ڳوٺ پيرو وساڻ سائينداد وساڻ علي خان وساڻ جان محمد وساڻ ڪراچي هوٽل دلمير ڪالونيء ٻين هنڌن تي برسات رهيل ڪسرون رات پوريون ڪري ڇڏيون  ، ڪيترائي ڪچا گهر ڪرڻ جا اطلاع جنهن  ۾ پ پ پ جو پراڻو جيالو محمد حسن سولنگي جو ڪچو گهر ڪري پيو.

Photo Sindhyar

جڏهن ته سندس پاڙي م ويٺل اسلم ماڇي  ، سلطان ماڇي ، علي اڪبر خاصخيلي ،نواز خاصخيلي ،احمد لاشاري ، پچايو لاشاري ، حاجي هارون لاشاري ، صديق لاشاري ،  احمد پچو ، رمضان ماڇي ، جمن ماڇي ، قاسم ماڇي ، عبدالواهاب ماڇي  هنڌو برداري سان تعلق رکندڙ فقيرو بجاڻي ، بوسو بجاڻي ، لوضي بجاڻي ، ٻين جا گهر ڪري پيا ، متاثرين کلي آسمان هيٺ ويٺل ، جاڙاواھ پيٽرول جي ڀرسان ويٺل غريب خاصخيلي جا گهر مڪمل پاڻي هيٺ ڪنهن به سار نه لڌي  جڏهن ته پ پ پ اڳواڻ حاجي الهڏنو لاشاري جو ڳوٺ حاجي محمد رحيم  لاشاري ، ڳوٺ حاجي عثمان لاشاري ، ڳوٺ جان  محمد لاشاري ، ڳوٺ حاجي محمد ماڇي جو  سم نالن ۾ نيڪال نه هجڻ ڪري  3  کان 4 فوٽن تائين پاڻي جي گهيري ۾ جڏهن ته ڳوٺ جي چوطرف پاڻي هجڻ ڪري اڄ وڃ م تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻئي پاسي سم نالن م نيڪال نه هجڻ ڪري  سارين ء ڪمند  وونئڻن مرچن۽ بصرن جي فصلن۾ 4 فوٽن تائين  پاڻي ٻيٺل.

Photo Sindhyar

انتظاميه پاران اڳواٽ ڪنهن به اپاء نه وٺڻ جي ڪري سوين  ايڪڙن تي ٻيٺل ساريون ء ڪمند جو فصل مڪمل پاڻي هيٺ  هجڻ ڪري آبادگار طبقو سخت پريشاني جي ور چڙهيل آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي  تي آبادگارن جو لکين روپين جو نقصان ، جڏهن  ته آبادگارن شيرعلي بروهي گلاب بروهي حاجي عبدالرزاق لاشاري ، حاجي عبدالرحيم لاشاري ، حاجي گل محمد لاشاري ء ٻين اعليٰ احڪام کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي  اسان جا فصل مڪمل پاڻي هيٺ آهن فصلن ۾ ٻيٺل پاڻي جو نيڪال ڪرايو وڃي ، اسان کي نقصان کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو