ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ماءَ پٽ فوت، والد زخمي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) رينجرس چوڪي ڀرسان پل وٽ ٽرڪ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب ڪويتا ڪمار ۽ سندس 4 سالا پٽ ونش ڪمار ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻالڪ جو والد مڪيش ڪمار زخمي ٿي پيو علائقي واسين واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ۽ ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو