ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي قلندر جا 3 پانڌيئڙا فوت 8 زخمي

سيوهڻ(ن سنڌيار) قلندر لال شهباز جي زائرين جو ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 عورتون فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، جتان فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، فوتين ۾ سبحان خاتون، بينا لغاري ۽ حاجاڻي لغاري شامل آهن، پوليس موجب حادثي جو شڪار زائرين مورو واسي آهن، جنهن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو