ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار جوڙو فوت

ميرپورخاص (ن سنڌيار) عمرڪوٽ روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، حادثي جي نتيجي ۾ لالو ڪولهي ۽ سندس گهرواري مسمات راڻي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ سندن پُٽ رميش زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيوويو. پوليس ٽريڪٽر ۽ ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو آهي پر اڃا ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو