ٽريفڪ اهلڪارن لاءِ خطري جي گهنٽي، الرٽ جاري

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرئفڪ پوليس لاءِ ٿريٽ الرٽ جاري، ڊي آءِ جي ٽريفڪ کاتي جي آفيسرز ۽ اهلڪارن کي خصوصي هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ رستن تي دهشتگرد ڊيوٽي دوران ٽرئفڪ اهلڪارن کي ٽارگيٽ ڪري سگهن ٿا، ٽريفڪ ڪنٽرول ڪندڙ اهلڪارن سان گڏ هٿياربند اهلڪار به مقرر ڪرڻ جي هدايت، سمورن ٽرئفڪ اهلڪارن لاءِ بُلٽ پروف جيڪٽس پائڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو