ٽرانسپورٽرن جون مسافرن سان جٺيون، وڌيڪ ڀاڙو وصول

چيلهار(ساجدنهڙيو) بس مالڪن جو مسافرن سان اڍنگو رويو رڪجي نه سگهيو، من پسند ڀاڙا وصول ڪرڻ سان گڏ مسافرن کي جانورن جيان بسن جي ڇتن تي سٿي انسانيت جي تذليل ڪرڻ لڳا، انتظاميه ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. چيلهار کان مٺي، عمرڪوٽ،  ڀوريلي ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ بس مالڪن جو مسافرن سان روز جا جهيڙا معمول بڻيل من پسند ڀاڙو نه ڏيڻ جي صورت ۾ مسافرن کي وچ رستي ۾ پڻ لاٿو وڃي ٿو جڏهن عورتن ۽ شاگردن کي به گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو. من پسند ڀاڙا وصول ڪرڻ لڳا ڪجه ڏينهن اڳ جج نوٽس پڻ ورتو هو ته بس جي ڇت تي مسافر نه کڻڻا آهن پر بس مالڪن جج جي حڪمن کي پڻ نظر انداز ڪري ڇڏيو جڏهن ته مسافرن روزاني سنڌ يار کي ٻڌايو ته عمرڪوٽ مٺي، ۽ ڀوريلو جو ڪرايو وڌيڪ ورتو پيو وڃي سيشن جج نوٽس وٺي بس مالڪن خلاف ڪاروائي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو